ابو ضلع السندي

ابو ضلع السندي: نامور شاعر ابو ضلع السندي بغداد جو رهاڪو ۽ هارون الرشيد جي دؤر جو شاعر هو، جيڪو اصل ۾ سنڌي هو. هو عباسي خليفي موسيٰ الهادي جو دوست ۽ خدمتگار هو، هو ان دؤر جو پختو شاعر هو. کيس سير سفر جو گهڻو شوق هوندو هو ۽ اوڀر جي ملڪن جا دورا ڪيائين. هندستان ۽ سنڌ ۾ به ڪيترا دفعا آيو. هن ننڍي کنڊ جي شان ۾ به شاعري ڪئي، جنهن ۾ سندس سنڌ سان محبت جو گهڻو اظهار آهي. ان کانسواءِ سندس شاعريءَ ۾ نصيحت آميز سبق، سجاڳيءَ ۽ جرئتمنديءَ جو سڏ ڏنل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو